ڪي. ٽي. اين (KTN):

ڪي. ٽي. اين (KTN):

ڪي. ٽي. اين نيوز (KTN News)

ڪي. ٽي. اين نيوز (KTN News)

سنڌ ٽي وي

سنڌ ٽي وي

ڌرتي ٽي وي

ڌرتي ٽي وي

مهراڻ ٽي وي

مهراڻ ٽي وي

آواز ٽي وي

آواز ٽي وي

سنڌي ڪڇي ٽي وي

سنڌي ڪڇي ٽي وي

سنڌي سيٽلائيٽ چينل

سنڌي سيٽلائيٽ چينل (Sindhi Satellite Channels): سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقيءَ ۽ ترويج ۾ سنڌي چئنلن جو به حصو رهيو آهي. پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ تي سنڌي نشريات لاءِ محدود وقت جي ٽرانسميشن جي پيش نظر ڪجهه سنڌي سرمائيدارن، سنڌي سيٽلائيٽ چينل شروع ڪرڻ لاءِ سوچيو. ان ۾ پهرين وک ڪاوش گروپ پاران کنئي وئي جن 2002ع ڌاري ڪي. ٽي. اين نالي چينل آن ايئر ڪيو.. موجوده وقت ۾ سنڌ اندر جيڪي پرائيويٽ سنڌي چينل ڪم ڪري رهيا آهن، انهن ۾ هيٺيان چينل سر فهرست آهن:
(1) ڪي. ٽي. اين (KTN): هن چينل کي پاڪستان جي پهرئين سنڌي چينل هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن چينل جو بنياد آڪٽوبر 2002ع ۾ ناليواري سنڌي صحافي، تجزيه نگار ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڪاوش پبليڪيشن (اخبار) جي باني علي قاضي رکيو. ابتدائي دور ۾ ڪاوش ٽيليويزن جي نشريات جو آغاز ڇهه ڪلاڪن جي محدود وقت لاءِ ڪيو ويو، بعد ۾ چينل جي وڌندڙ مقبوليت سبب چينل جي نشرياتي وقت وڌائي 24 ڪلاڪ ڪيو ويو. ڪي. ٽي. اين واحد سنڌي چينل جي حيثيت ۾ نه صرف سنڌ پر دنيا جي ڏورانهين خطن ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ هندستان ۾ وڌ مان وڌ مشهوري ماڻي چڪو آهي.
هن وقت ڪاوش گروپ جا ٽي چينل ڪي. ٽي. اين (KTN)، ڪي. ٽي. اين نيوز (KTN News) ۽ سنڌي گيتن تي مشتمل چينل ’ڪشش‘ ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڪشش ميوزيڪ چينل به سنڌي موسيقي ۽ گيتن تي نشر ٿيندڙ پهريون سنڌي ميوزڪ چينل آهي. جڏهن ته ڪي. ٽي. اين انٽرٽينمينٽ نج سنڌي تفريحي پروگرامن جهڙوڪ: ڊرامه، مارننگ شوز، ٻارن جا پروگرام، مزاحيه پروگرام، راندين ۽ رهاڻين جا پروگرام ۽ ڪي. ٽي. اين نيوز ملڪي توڙي غير ملڪي، سماجي، سياسي، معاشي ۽ ثقافتي صورتحال/ سرگرمين بابت خبرون، رپورٽس، ڊاڪيومينٽريون، ان کان سواءِ سنڌ توڙي پاڪستان ۽ دنيا جي صورتحال ۽ انهن جي هڪٻئي تي ٿيندڙ اثرن بابت ٽاڪ شوز، سياسي، سماجي، قانوني ۽ تعليمي ماهرن جا انٽرويوز، عوام سان پيش ايندڙ مسئلا ۽ ٻيا ڪيترائي معلوماتي ۽ فڪري پروگرام نشر ڪندو رهي ٿو. ڪي. ٽي. اين کي 5 جون 2005ع تي برانڊ سينيئريو (Brand Synario) طرفان ڏسندڙن جو وڌ مان وڌ تعداد (Viewership) هئڻ سبب 635 ووٽن جي آڌار تي فائيو اسٽار ريٽنگ (Five Star Rating) جو اعزاز حاصل ٿيو. جڏهن ته چينل کي Pak Sat 3973V 6509 3/4 C-Band جي فريڪوئينسي تي سڄي دنيا ۾ هلائي سگهجي ٿو.
(2) سنڌ ٽي. وي (Sindh TV): هي سنڌ ٽي. وي سنڌيءَ ٻولي جو ٻيو وڏو چينل آهي. هن چينل جو بنياد آڪٽوبر 2004ع تي ڪراچي ۾ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر ۽ اجيت ڪمار آهوجا رکيو. گذريل اٺ سالن کان سنڌ ٽي. وي ۽ سنڌ ٽي. وي نيوز سنڌي ٻولي جي فروغ لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته هن چينل Pak Sat 138E 3753H 6500 3/4 C 2 جي فريڪوئينسي تان دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
سنڌ ٽي. وي انٽرٽينمينٽ تفريحي پروگرامن سبب مقبوليت ماڻي رهيو آهي، ان کان علاوه سنڌ ٽي. وي نيوز پڻ سياست کان علاوه پيشه ور سٿ جي محنت ۽ ڪاوشن سان سنڌ جي بي شمار جبلن، تاريخي يادگارن، قديم آثارن، قلعن، ڪوٽن، ٻهراڙين، مقامي آبادين، علم، ادب ۽ فن بابت معلوماتي ڊاڪيومينٽريون نشر ڪندو رهي ٿو، جن ڏسندڙن وٽان تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي.
(3) ڌرتي ٽي. وي (Dharti TV): هي سنڌي چينل 2006ع ڌاري سکر ضلعي جي اڳوڻي ناظم سيد ناصر حسين شاهه جي ڪوششن سان آن ايئر ٿيو. هن جي نشريات ۾ نيوز بليٽن، رپورٽون، گيت سنگيت ۽ ڊراما شامل آهن. هن وقت هي چينل يونس ميمڻ جي سيڙپ سان آن ايئر ٿي رهيو آهي. هن گروپ پاران مقدمو نالي سنڌي اخبار به شايع ٿئي ٿي.
(4) مهراڻ ٽي. وي (Mehran TV): سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد مان نشريات هلائيندڙ هيءَ ٽي. وي چينل پڻ سنڌ ۽ ٻاهرين دنيا ۾ هڪجيترو مقبول آهي. هن چينل جو بنياد غلام نبي مورائي وڌو. هن چينل جو فريڪوئينسي ريٽ: Paksat-C on 3730MHz, C-Band, 2894 Symbol rate, V Polarity, QPSK Modulation. آهي هي چينل سنڌي ڊرامه، موسيقي، خبرون ۽ تجزيا نشر ڪندو آهي. چينل تان تعليمي سرگرمين جي فروغ لاءِ پڻ مختلف موضوعاتي پروگرام پيش ڪيا وڃن ٿا. ان کان سواءِ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ مهراڻ ٽي. وي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۽ ڪلام کي ترجمي سان گڏ عام ڪرڻ ۽ سنڌي لوڪ گيتن، سهرن ۽ لاڏن وغيره کي عام ڪرڻ اهم آهي.
(5) آواز ٽي. وي (Awaz Tv): سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ چوٿون ۽ اهم ٽيليويزن چينل آهي، هن چينل جو بنياد نامياري صنعتڪار سڪندر جتوئي وڌو، جيڪو ڪراچي ۾ قائم آهي. هن انٽرٽينمينٽ چينل جي نشريات 2009ع کان 3S Asia sat جي فريڪوئينسي تي سڄي دنيا ۾ هلندڙ آهي. هن چينل جو مقصد به مختلف تفريحي ۽ معلوماتي پروگرامن ذريعي سنڌي ٻولي کي فروغ ڏيڻ ۽ سماج ۾ سڌارو آڻڻ آهي. ان کان علاوه خبرن جا بليٽن پڻ نشر ڪيا وڃن ٿا.
(6) سنڌي ڪڇي ٽي.وي (Sindhi Kachchhi TV): هندستان ۾ غير سنڌي ته کوڙ سارا چئنل موجود آهن، پر سنڌي ڪڇي چئنل کي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافتي رنگ جي ڪري منفرد حيثيت حاصل آهي. هن چئنل جو بنياد ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏي ويل ڪنيا لال ڪيولراماڻي گانڌي ڌم ڪڇ گجرات ۾ وڌو. هن چئنل کي هندستان جي پهرئين سنڌي ڪڇي چئنل هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، جيڪو In Sat 4A/83 Degree East Vertical, Frequency 3735 MHz (Horizontal) Symbol Rate 26666 MPEG-4 جي فريڪوئينسي تان دنيا جي ڪنهن به خطي مان ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته هن کي ڪنهن به نجي اداري جي ڪيبل سسٽم ذريعي نه ٿو ڏسي سگهجي.
سنڌي ڪڇي چئنل تان نج سنڌي ٻوليءَ ۾ فلمون، ڊراما، مزاحيه پروگرام نشر ڪيا وڃن ٿا. چينل سياسي توڙي سماجي حوالي سان بحث مباحثن تي ٻڌل پروگرامن جي ڪري ڏيهه، توڙي پرڏيهه ۾ مقبول آهي. هن چينل تان تازو نثر ٿيندڙ هيٺين ڊرامن، خاص طور تي: ’کل ته سهي‘، ’چرين ڪيو چريو‘، سنڌي ست سنگ‘، ’سنڌي ذائقو‘ ۽ ’اچو ته سنڌي سکون‘ وڏي مقبوليت ماڻي آهي. هي چئنل هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي فروغ ڏيڻ ۽ سماج ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.


لفظ سنڌي سيٽلائيٽ چينلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو